ٻپهريءَ جا ٻه پل

ٻپهريءَ جا ٻه پل

ٻپهريءَ جا ٻه پل

ٻپهريءَ جا ٻه پل (ڪتاب ):ريٽا شاهاڻي جي آپ بيتي جو ڪتاب، جيڪو 1994ع ۾ ڇپيو. جنهن ۾ 20 عنوان آهن، هر عنوان واري مضمون ۾ هن هڪ عورت جي حيثيت سان پنهنجن تجربن ۽ مشاهدن جو اظهار ڪيو آهي. هڪ عورت ليکڪا جي حيثيت سان سندس لکيل هر مضمون پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ زندهه ڪهاڻي آهي. سندس آپ بيتيءَ جو ٻيو ڪتاب ”گهنڊ ڄاڻ وڳو“ آهي؛ جن ٻنهي کي گڏي ترتيب ڏئي، هڪ ئي نالي ”ٻپهريءَ جا ٻه پل“ سان تيار ڪري تاج جويي ان جو تفصيلي مهاڳ لکيو، هي نئون ڪتاب، ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد، سنڌ پاران ڊسمبر 2004ع ۾ ڇپايو ويو آهي. هن ڊيمي سائيز جي ڪتاب جي قيمت 150 رپيا آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو